تازه ترين

مديجي ويجهو پنهور، بروهي تڪرار تان فائرنگ، خوف ۾ عورت فوت، وارثن پاران احتجاج ۽ ڌرڻو

- Advertisement -
مديجي ويجهو پنهور ۽ بروهي برادري ۾ هلندڙ تڪرار ۾ ٺاپر نه آئي، ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان حملا ڪيا ويا، جنهن سبب خوف ۾ عورت فوت ٿي وئي. ڳوٺ عيد محمد بروهي ۾ فائرنگ جي خوف ۾ عورت بخت خاتون بروهي فوت ٿي وئي. واقعي خلاف بروهي برادري پاران عورت جو لاش ٽي شاخي بس اسٽاپ سکر – لاڙڪاڻي روڊ تي رکي پوليس ۽ پنهور برادري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان سلسلي ۾ بروهي برادري جي چڱي مڙس عيد محمد بروهي ٻڌايو ته رات دير سان پنهور برادري جي هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن دوران خوف ۾ عورت فوت ٿي وئي آهي. هن چيو ته قبرستان لڳ پنهور برادري جا ماڻهو مورچا لڳائي ويٺل آهن، جنهن ڪري عورت جو لاش دفنائي نٿا سگهون. سندس چوڻ هو ته ايس ايس پي پاران جوڙيل اسپيشل ٽيم جي پرائيويٽ انچارج پنهور برادري جي سرپرستي ۾ رستا روڪ ڪئي پئي وڃي، پوليس ڌر بڻيل آهي، اهلڪار پنهور برادري جي هٿياربندن سان ڪچهريون ڪري واپس هليا وڃن ٿا. هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ کان گهر ڪئي ته فائرنگ بند ڪرائي لاش دفنائڻ ڏنو وڃي. ٻئي طرف پوليس بروهي برادري جي ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو. هوڏانهن پنهور برادري طرفان عورت جي فوت ٿيڻ ۽ چڱن مڙسن جي مداخلت بعد فائرنگ بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. پنهور برادري جي چڱي مڙس عبدالخالق پنهور چيو ته چڱي مڙس جي مداخلت سبب هو فائرنگ بند ڪئي آهي، پوليس آفيسر يا ڪنهن برادري جو چڱو مڙس اعتماد ۾ وٺندو ته هو مورچا به ختم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
4 %
7.4kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
36 °
خميس
37 °
جمعو
35 °

تازه ترين خبرون