نيويارڪ ۾ نگران وزير اعظم انواز الحق ڪاڪڙ سان آءِ ايم ايف سربراهه جي ملاقات

spot_img
- Advertisement -

عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي سربراهه ڪرسٽالينا  جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان کي صرف چئي رهيا آهن ته اميرن کان وڌ کان وڌ ٽيڪس وٺو ۽ غريبن کي تحفظ ڏنو وڃي.

نيويارڪ ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان ملاقات کانپوءِ آءِ ايم ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا جو چوڻ هو ته هيءَ اها ئي ڳالهه آهي جيڪا پاڪستان جو عوام به چاهي ٿو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سربراهه آءِ ايم آيف سان ملاقات کي تعميري قرار ڏيندي چيو ته ڪرسٽالينا جارجيوا سان ملاقات ۾ معاشي سهڪار ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوشش تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

هن چيو ته ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي استحڪام لاءِ قدم کڻڻ جي عزم کي ورجايو ويو.

نيو يارڪ ۾ نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان بل اينڊ ملينڊا گيٽس جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس جي به ملاقات ٿي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان مان پوليو جي خاتمي ۽ ٻارن جي نشونما سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت ۽ قومي پوليو ٽاسڪ فورس ملڪ مان پوليو جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، اميد آهي ته ملڪ جي هر علائقي مان پوليو جو خاتمو ممڪن بڻجي ويندو.

بل گيٽس چيو ته پاڪستان مان پوليو جو مڪمل خاتمو سندن اولين ترجيح آهي.

هن پوليو وائرس جي منتقلي روڪڻ ۽ خيبرپختونخوا ۾ ويڪسينيشن مهم جاري رکڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو.

هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزا يوف سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻه طرفي سياسي، واپاري، اقتصادي ۽ دفاعي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

ٻنهي سربراهن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي بروقت مڪمل جي عزم جو اظهار ڪيو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ پاڪ ازبڪستان لاڳاپن ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون