تازه ترين

نيو سعيد آباد: ڳوٺ ڀليڏنو ۾ هٿياربندن اوطاق تي ويٺل 2 ڀائرن کي قتل ڪري ڇڏيو

نيو سعيد آباد ويجهو هٿياربندن جي اوطاق تي فائرنگ ۾ ٻه سڳا ڀائر مارجي ويا.

ڳوٺ ڀليڏنو ڪاڪا ۾ هٿياربندن اوطاق ۾ داخل ٿي  گوليون هڻي  شوڪت ڪاڪا ۽ سندس ڀاءَ محبوب ڪاڪا قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڀائرن جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

مقتولن جي ڀاءُ علي شير ڪاڪا جو چوڻ آهي ته برادري جي ماڻهن فائرنگ ڪري سندس ڀائرن کي قتل ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته جوابدار قمر الدين ڪاڪا ۽ سندس ڀائرن اسان جي اوطاق تي حملو ڪري شوڪت ڪاڪا ۽  محبوب ڪاڪا کي قتل ڪيو آهي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندس ڀائرن جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
7.4 ° C
7.4 °
7.4 °
41 %
1.1kmh
0 %
اربع
10 °
خميس
10 °
جمعو
9 °
ڇنڇر
11 °
آچر
12 °

تازه ترين خبرون