پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٿر پيريز چيو آهي ته نيٿن پورٽر جي اڳواڻي ۾ آءِ ايم ايف مشن جو وفد ايندڙ هفتي پاڪستاني عملدارن سان ڳالهيون ڪندو.
پنهنجي بيان ۾ ايسٽر پيريز چيو ته آءِ ايم ايف مشن ايندڙ پروگرام تي ڳالهه ٻولهه ڪندو.
هن چيو ته ڳالهين جو مقصد بهتر ۽ مضبوط گورننس جو بنياد رکڻ آهي.
آئي ايم ايف جـِي نمائندي ايستر پيريز وڌيڪ چيو ته ڳالهين ۾ پائيدار معاشي ترقي جو بنياد رکڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي……