تازه ترين

نگران حڪومت، بجلي جا بل قسطن ۾ وٺڻ وارو فيصلو آءِ ايم ايف جي منظوري سان مشروط

نگران حڪومت، بجلي جا بل قسطن ۾ وٺڻ وارو فيصلو آءِ ايم ايف جي منظوري سان مشروط ڪيو آهي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ بجلي جي ڳرن بلن، احتجاج ۽ عوام کي رليف ڏيڻ وارن معاملن تي غور ڪيو ويو.

اجلاس ۾ پاور ڊويزن طرفان عوام کي رليف ڏيڻ بابت تجويزون پيش ڪيون ويون، جن تي بحث ڪيو ويو.

ڪابينا اجلاس ۾ عوام کي بجلي بلن ۾ رليف فراهم جو  جو فيصلو نه ٿي سگهيو، جنهن سبب اجلاس بنا نتيجي ختم ٿي ويو.

اجلاس ۾ چيو ويو ته آءِ ايم ايف جون شرطون ڏسڻ بعد ڪو فيصلو ڪيو ويندو.

توانائي واري وزارت طرفان ڏنل سفارشن تي آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي منظوري بعد کي عوام کي رليف ڏئي سگهبو. ٻئي پاسي ناڻي واري وزارت موجب بجلي جي بلن ۾ امڪاني رليف تي آءِ ايم ايف کي اعتماد ۾ ناهي ورتو ويو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
32 %
3.6kmh
47 %
آچر
26 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون