تازه ترين

نگران حڪومت صدر جو حڪم مڃڻ کان پاسو ڪري: عطا تارڙ

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته صدر جي عهدي جو مدو ختم ٿيڻ بعد ڪو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو؟ نگران حڪومت صدر جو حڪم مڃڻ کان پاسو ڪري.

هن چيو ته صدر پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو، آرمي چيف جو ايس آءِ ايف سي جو اعلان سٺو قدم آهي.

عطا تارڙ چيو ته چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، صدر تاريخ  جو اعلان ڪري ملڪ ۾ بحران ۽ بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪندو، اهم قانون ۽ فيصلن ۾ عبوري صدر جو ڪو به ڪردار ناهي.

ن ليگ اڳواڻ چيو ته معيشت ڪجهه بهتر ٿي آهي، ڊالر گهٽجي پيو، پرڏيهي سيڙپڪاري بابت سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، جيئن ئي معيشت بهتر ٿيڻ لڳندي آهي ته پي ٽي آءِ ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جون سازشون شروع ڪري ڇڏي ٿي.

عطا تارڙ چيو ته اٽڪ ۾ ويٺل شخص جي ڪري اهو سڀ ڪجهه ڪيو پيو وڃي، صدر ائين ڪيو ته ڄاڻي واڻي ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪندو………..

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون