تازه ترين

نگران حڪومت طرفان پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي ڪري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي: نثار احمد کهڙو

پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته نگران حڪومت طرفان پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي ڪري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي،  بدامنيءَ جي خاتمي ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته بدامنيءَ تي هڪ ڏينهن ۾ ضابطو نه ٿو اچي سگهي، ڪوشش آهي ته جلد  عوام کي خوف ۽ حراس واري ماحول مان ڪڍيو وڃي.

هن چيو ته پريا ڪماريءَ جو ڪيس اڍائي سال پراڻو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، نگران حڪومت صحافي جان محمد مهر جي ڪيس کي به صحيح نموني هينڊل نه ڪيو.

نثار کهڙي چيو ته ارڙهين ترميم تحت سترهن کاتا اڃا تائين صوبن ڏانهن منتقل ناهن ٿيا، عام چونڊن ۾ پ پ کي سادي اڪثريت نه ملي ان ڪري هنن وفاقي حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، پر وزارتون نه ورتيون.

پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ڀٽو ريفرنس ڪيس جي فيصلي ۾ پپيلزپارٽيءَ کي سرخرو ڪيو، ان فيصلي جي آجيان لاءِ 14 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو ڪيو ويندو.

نثار کهڙي چيو ته 27 ڊسمبر ۽ 4 اپريل تي هو عوام کان تعزيت وصول ڪندا آهن، 14 اپريل تي پ پ سڄي دنيا کي ٻڌائيندي ته عدليا ۽ حڪومت ناڪام ۽ عوام سوڀارو ٿيو آهي……..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
16.3 ° C
16.3 °
16.3 °
26 %
0.7kmh
17 %
جمعو
18 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °
اڱارو
17 °

تازه ترين خبرون