تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

نگران حڪومت طرفان پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي ڪري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي: نثار احمد کهڙو

- Advertisement -
پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙي چيو آهي ته نگران حڪومت طرفان پوليس آفيسرن جي بدلين ۽ مقررين جي ڪري سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي،  بدامنيءَ جي خاتمي ۽ امن جي بحاليءَ لاءِ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙي چيو ته بدامنيءَ تي هڪ ڏينهن ۾ ضابطو نه ٿو اچي سگهي، ڪوشش آهي ته جلد  عوام کي خوف ۽ حراس واري ماحول مان ڪڍيو وڃي. هن چيو ته پريا ڪماريءَ جو ڪيس اڍائي سال پراڻو آهي، ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، نگران حڪومت صحافي جان محمد مهر جي ڪيس کي به صحيح نموني هينڊل نه ڪيو. نثار کهڙي چيو ته ارڙهين ترميم تحت سترهن کاتا اڃا تائين صوبن ڏانهن منتقل ناهن ٿيا، عام چونڊن ۾ پ پ کي سادي اڪثريت نه ملي ان ڪري هنن وفاقي حڪومت ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، پر وزارتون نه ورتيون. پ پ سنڌ جي صدر چيو ته ڀٽو ريفرنس ڪيس جي فيصلي ۾ پپيلزپارٽيءَ کي سرخرو ڪيو، ان فيصلي جي آجيان لاءِ 14 اپريل تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ جلسو ڪيو ويندو. نثار کهڙي چيو ته 27 ڊسمبر ۽ 4 اپريل تي هو عوام کان تعزيت وصول ڪندا آهن، 14 اپريل تي پ پ سڄي دنيا کي ٻڌائيندي ته عدليا ۽ حڪومت ناڪام ۽ عوام سوڀارو ٿيو آهي……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
3 %
9kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون