نگران حڪومت هڪ ڀيرو وري بجلي جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي
مهانگائي جي ماريل عوام کي بجلي جو جهٽڪو ڏيندي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي هڪ رپيو 46 پيسا في يونٽ مهانگو ڪيو.
نيپرا طرفان بجلي جي اگهن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب اضافو جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو آهي، اضافو ڪي اليڪٽرڪ ۽ لائف لائن واهپيدارن تي نه ٿيندو.
بجلي واهپيدارن کان اهو اضافو سيپٽمبر جي بلن ۾ وصول ڪيو ويندو