تازه ترين

نگران حڪومت پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهيl: انوار الحق ڪاڪڙ

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي، هو محدود وقت لاءِ آيا آهن، ايمانداريءَ سان اڳتي وڌندا.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ڪراچي جي دوري تي پهتو، جتي هن گورنر ڪامران ٽسوري ۽ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول سان مزار قائد تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي.

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نگران ڪابينا جي ڪجهه ميمبرن سان گڏ مزارِ قائد تي حاضري ڀري، نگران حڪومت پنهنجون آئيني ذميواريون نڀائڻ لاءِ پرعزم آهي.

هن چيو ته نظريا پاڪستان عام ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، قائداعظم سدائين اقليتن  جي حقن جي ڳالهه ڪئي، هر شهريءَ جو تحفظ رياست جي ذميواري آهي.

نگران وزيراعظم چيو ته چونڊ عمل کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ سموريون توانائيون ڪتب آنديون وينديون، ڪوشش هوندي ته چونڊون اڻ ڌريون ٿين.

انوارالحق ڪاڪڙ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري ۽ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر سان ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران صوبن ۾ جاري ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.

نگران وزيراعظم واپارين ۽ اهم سياسي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪيون.

انور الحق ڪاڪڙ رات ڪراچيءَ ۾ ترسي صبح اسلام آباد روانو ٿيندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون