نگران سنڌ سرڪار کاتن ۾ عوامي شڪايتن ۽ رشوت جي خاتمي لاءِ سندرو ٻڌي ورتو.
سيڪريٽري بورڊ آف روينيو پاران سنڌي۽ اردو ۾ هدايتي پينافليڪس لڳائڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.
سيڪريٽري جا اهڙا پينافليڪس ڪمشنرن ۽ ڊي سيز جي آفيسن آڏو لڳائڻ جو حڪم ڏنو ويو.
سيڪريٽري بورڊ آف روينيو جو چوڻ آهي ته ڪم ۾ سُستي ڪندڙن، رشوت وٺندڙ ملازمن خلاف عوامي شڪايتن تي فوري ايڪشن ورتو وڃي.
سرڪاري ڪم ۾ رنڊڪون وجهندڙ خانگي ماڻهن خلاف به ڪارروائي جي هدايت ڪئي وئي آهي.


