تازه ترين

نگران صوبائي وزير عمر سومرو پاران انساني حقن جي آفيس جو دورو

نگران صوبائي وزير عمر سومري انساني حقن جي آفيس جو دورو ڪيو جنهن دوران 21 ملازمن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪري غير حاضر ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

نگران صوبائي وزير عمر سومري انساني حقن جي آفيس جو دورو ڪيو آهي.

نگران صوبائي وزير طرفان دوري دوران 21 ملازمن جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

نگران صوبائي وزير عمر سومري، اسٽاف کان پڇاڻو ڪندي چيو ته صبح جا ساڍا ڏهه ٿي چڪا آهن انساني حقن وارو سيڪريٽري اڃا تائين آفيس ناهي آيو؟.

نگران صوبائي وزير 21 غير حاضر آفيسرن ۽ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ ۽ پگهارون روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

عمر سومري انساني حقن جي ملازمن جو حاضري رجسٽر طلب ڪري ورتو.

نگران صوبائي وزير عمر سومري آفيس ۾ موجود اسٽاف کان پڇا ڪندي چيو ته ملازمن جي حاضري گهٽ ڇو آهي؟، هن وقت تائين آفيس ۾ حاضري سئو سيڪڙو هئڻ گهرجي.

نگران صوبائي وزير چيو ته ملازمن جي حاضري 9 وڳي يقيني بڻائي وڃي، ملازم پنهنجو قبلو درست ڪن هاڻي وڌيڪ وقت نه ڏنو ويندو آخري وارننگ آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون