تازه ترين

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ هنگامي طور قدم کڻڻ جي هدايت

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، معيشت جي مضبوطيءَ لاءِ هنگامي طور قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي، سندس چوڻ آهي ته حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غير روايتي حل ڳولڻ لاءِ ڪوششان آهي، عام چونڊون آئين موجب جلدد ڪ ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.

پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت بجلي جي بلن جو معاملو مالياتي ادارن آڏو رکيو آهي.

هن چيو ته گردشي قرض، بجلي چوري ۽ لائن لاسز وڏا چئلينج آهن، حڪومت احتجاج ڪندڙن کي مايوس ڪندڙن بدران مسئلي جو ڊگهي مدي وارو حل ڳوليندي.

نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي واهپيدارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غير روايتي حل ڳولڻ لاءِ ڪوششان آهي.

انوارالحق چيو ته عام چونڊون آئين موجب جلدد ڪ ڪرائڻ لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي، آئين موجب آدمشماريءَ بعد تڪبنديون ضروري آهن.

نگران وزيراعظم چيو ته بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين کي فوري طور خانگايو ويندو، بجلي ۽ ٽيڪس شعبن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي.

ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ  توانائي جي معاملن تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شمشاد اختر،  توانائي واري نگران محمد علي ۽ توانائي واري وزارت جي عملدارن  شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وزيراعظم کي بجلي جي بلن  سميت گردشي قرض وارن معاملن تي بريفنگ ڏني ۽ بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجلي جي چوري روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.

انوارالحق ڪاڪڙ سان ناڻي واري نگران وفاقي وزير شمشاد اختر ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ڊاڪٽر شمشاد اختر نگران وزيراعظم کي موجود ملڪي معاشي صورتحال تي بريفنگ ڏني.

وزيراعظم ملڪي معيشت مستحڪم ڪرڻ لاءِ  اثرائتي حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,173FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
20 ° C
20 °
20 °
28 %
0.6kmh
0 %
ڇنڇر
20 °
آچر
27 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون