تازه ترين

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، نگران ڪابينا لاءِ صلاح مشورا شروع

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، نگران ڪابينا لاءِ صلاح مشورا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ مختلف وزارتن جي اهم معاملن تي اجلاس ڪوٺايو ڪيو ويو، جنهن ۾ وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي ڪوئيٽا سکر هاءِ وي تي پنجرا پل ۽ ڪوئيٽا زوب شاهراهه تي سوار پل تي هلندڙ ڪم بابت تفصيلي آگاهه ڪيو ويو.

بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته ٻوڏ دوران تباهه ٿيل پنجرا پل جو ڪم ايندڙ مهيني کان شروع ڪيو ويندو.

اجلاس کي سوار پل تي هلندڙ مرمتي ڪم کان به آگاهه ڪيو ويو.

نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته 282 ميٽر ڊگهي سوار پل جي مرمت جو ڪم قطعي مرحلي ۾ داخل آهن.

انوار الحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي جاري منصوبن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ تجويز ڪيل منصوبن تي بريفنگ تيار ڪري پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
few clouds
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13 %
3kmh
16 %
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
26 °

تازه ترين خبرون