نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوريءَ ملاقات ڪئي، جنهن دوران گورنر وزيراعظم کي سنڌ جي انتظامي معاملن ۽ امان امان جي بابت بريفنگ ڏني.
ملاقات ۾ گورنر، وزيراعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس طرفان بجلي جي اگهن بابت تجويزون پيش ڪيو.
وزيراعظم، گورنر جي ڏنل تجويزن تي لاڳاپيل ادارن کي صلاح مشوري جون هدايتون جاري ڪيون.
انوارالاحق ڪاڪڙ جو چوڻ هو ته ڪراچيءَ جي واپارين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.