نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو

spot_img
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چين جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد پهچي ويو. دوري دوران نگران وزيراعظم چين جي بيلٽ اينڊ روڊ منصوبي جي ٽئين فورم ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب دوري دوران نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، چيني ۽ روسي صدرن، چين جي وزيراعظم ۽ ڪميونسٽ پارٽي جي عهديدارن ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. نگران وزيراعظم ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي لاءِ چيني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪيون. بعد ۾ نگران وزيراعظم چين جي شهر ارومچي جو دورو ڪيو جتي هن ارومچي جي سياسي قيادت، ڪاروباري شخصيتن ۽ ارومچي ۾ تعليم پرائيندڙ پاڪستاني شاگردن سان ملاقات ڪئي……..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
11.9 ° C
11.9 °
11.9 °
23%
1.1m/s
0%
خميس
14 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون