نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اڄ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
نگران وزيراعظم خطاب ۾ ڪشمير ۽ دهشتگردي جي لهر سميت افغانستان جي صورتحال سميت ٻين مسئلن کي اجاگر ڪندو.
نيويارڪ ۾ ڪونسل آف فارن ريليشنز فورم تي خطاب ڪندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ٽي ٽي پي ۽ داعش جون ٻيهر سرگرميون پاڪستان سميت سڄي دنيا لاءِ ڳڻتي جو سبب آهن.
سندس چوڻ هو ته ٽي ٽي پي ۽ داعش جي خطرن جو گڏجي مقابلو ڪرڻو پوندو.


