تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ڳرن بلن تي هنگامي اجلاس طلب

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي جي ڳرن بلن تي هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بجلي جي ڳرن بلن جي معاملي تي وزيراعظم هائوس ۾ سڀاڻي هنگامي اجلاس ٿيندو.

هن چيو ته اجلاس ۾ توانائي واري وزارت ۽ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان بريفنگ ورتي ويندي ۽ واهپيدارن کي بجلي جي بلن بابت وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا ويندا.

بجلي جي بلن ۾ غير معمولي اضافي  خلاف سڄي ملڪ ۾ مظاهرا ڪيا پيا وڃن، مختلف شهرن ۾ بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنين جي عملي تي تشدد جا واقعا به سامهون آيا آهن.

واپارين سميت عوام حڪومت کان بجلي اگهن ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪري رهيا آهن

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون