تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي چورن خلاف خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جي هدايت

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بجلي چورن خلاف خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. انوار الحق ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ بجلي چورن خلاف هلندڙ مهم جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نگران وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي سهڪار سان اها مهم ڪاميابيءَ سان جاري آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته مهم ۾ 19 هزار 415 بجلي چورن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سيپٽمبر کان هيل تائين بجلي چورن خلاف 39 هزار 836 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، بجلي چوري ۾ ملوث 189 سرڪاري آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آ هي، مردان ۾ بجلي چوري مهم سڀ کان وڌيڪ ڪامياب رهي. نگران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بجلي چوري جي شرح 43 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تائين اچي وئي آهي، مهم دوران هيل تائين اربين رپيا اوڳاڙيا ويا آهن. انوار الحق ڪاڪڙ مهم جي هاڪاري نتيجن تي لاڳاپيل وزارت ۽ عملدارن جي ڪارڪردگيءَ جي واکاڻ ڪئي. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي آزاد ڪشمير، ڪوئيٽا ۽ سنڌ ۾ بجلي چوري جون ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.7 ° C
23.7 °
23.7 °
25 %
3.8kmh
100 %
اربع
23 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون