تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ جو فلسطيني صدر محمود عباس سان ٽيليفونڪ رابطو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ فلسطيني صدر محمود عباس سان ٽيليفون تي رابط ڪري غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي بمباري سبب پيدا ٿيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ٽيليفونڪ رابطي ۾ نگران وزير اعظم انوار  الحق ڪاڪڙ صدر محمود عباس سان فلسطين جي موجوده صورتحال ري ڳالهيون ڪيون ۽ انساني امداد جي فراهمي جي لاءِ غزه هي ناڪابندي هٽائڻ تي زور ڏنو.

نگران وزير اعظم انوار  الحق ڪاڪڙ  اسرائيلي فوج جي غزه جي اسپتال تي بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته عالمي برادري خاص ڪري گڏيل قومون خونريزي روڪڻ  لاءِ اسرائيل تي زور ڀري.

سندس چوڻ هو ته ٻه رياستي حل تي ٻڌل فلسطيني تڪرار جو منصفاڻو حل ڪڍيو وڃي.

ٻئي پاسي فلسطني صدر محمود عباس فلسطيني عوام جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون