- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشـنَ جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي.
ذريعن موجب، ملاقات خاص سيڙپڪاري سهولت ڪونسل جي اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ ٿي
ملاقات ۾ عام چونڊن دوران امان امن جي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ مچ ۽ ڪولپور ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائڻ تي سڪيورتي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو پاڪ فوج ۽ سڪيورٽي فورسز جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿو.
ذريعن موجب، ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ۽ آرمي چيف دهشتگردي جي خاتمي لاءِ آپريشنز جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.- Advertisement -
