- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ سنڌ ۾ ڪرپشن اسلام آباد ۽ ٻين صوبن کان وڌيڪ هئڻ وارين ڳالهين کي ميڊيا جا الزام قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ جي ڪارڪردگيءَ بابت حقيقتون ن ليگ سان ويجهڙائي رکندڙ عائشه غوث پاشا جي ڪتاب ۾ واضح آهن.
سنڌ ٽي وي نيوز کي انٽرويو ڏيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ جي بانيءَ خلاف سازش پارٽيءَ اندران ٿي، کيس پنهنجن ئي مارايو.
هن چيو ته حڪومت ملي ته هو سترهن وزارتون ختم ڪري صوبن حوالي ڪندا، ارڙهين ترميم سان وفاق ڪمزور ناهي ٿيو، وفاق جي ڪمزوريءَ جو اصل ڪارڻ طاقتور اشرافيا جا خرچ آهن.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ ۾ ڪرپشن ٻين صوبن کان وڌيڪ هئڻ واريون ڳالهيون ميڊيا جا الزام آهن، صوبي جي ڪارڪردگيءَ بابت حقيقتون ن ليگ سان ويجهڙائي رکندڙ عائشه غوث پاشا جي ڪتاب ۾ واضح آهن.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو پروپيگنڊا خلاف پ پ جو دفاع ڪن، اقتدار ۾ اچي هو سڄي ملڪ جي عوام لاءِ منصوبا ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي عوام پهريون ڀيرو اعتماد ڪيو آهي، هو سندن اعتماد تي پورو لهندا.
پ پ چيئرمين چيو ته غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري ملڪ جا وڏا مسئلا آهن، اقتدار ۾ اچي نوجوانن، هارين، مزدورن لاءِ منصوبا به آندا ويندا ۽ ٽي سئو يونٽ مفت بجلي واري منشور تي عمل ڪري ڏيکاريندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي جي پاڻي جو مسئلو ۽ هميشه شڪايتون رهيون آهن، وفاق جون سنڌ سان گهڻيون زيادتيون ٿين ٿيون، ترقي جا منصوبا به روڪيا وڃن ٿا، هو سنڌ واسين کي پيغام ڏئي ٿو ته اچو ته گڏجي فرق ختم ڪري سنڌ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪن.
سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ تعليم جي نظام جو ٻيڙو ٻوڙيندڙ ڪاپي ڪلچر به آهي.- Advertisement -
