تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ طرفان عام چونڊن بابت پرڏيهي خدشا رد ڪندي  اقتدار جلد منتقل ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ طرفان عام چونڊن بابت پرڏيهي خدشا رد ڪندي  اقتدار جلد منتقل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  سندس چوڻ آهي ته چونڊ نتيجن ۾ دير جو مطلب ڌانڌلي ناهي،   سڀ کان وڌيڪ سيٽون کڻندڙ عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جا الزام هنيا پيا وڃن، راڻا ثناءَ الله، خواجه سعد رفيق ۽ جاويد لطيف جي شڪست باوجود ڌانڌلي جو الزام بي بنياد آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت فيصلو پارليامامينٽ ڪندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته چئلينجن باوجود  جمهوري تسلسل سٺو سنوڻ آهي، عام چونڊون ڪاميابيءَ سان ڪرائي سڪيورٽي ادارن اهم ڪردار ادا ڪيو،  پاڪستان اڇا دهشتگرديءَ کي منهن ڏئي رهيو آهي، دهشتگردي جي خطري باوجود پرامن چونڊون ٿيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي رپورٽن جي بنياد تي اليڪشن واري ڏينهن موبائل فون سروس بند ڪئي وئي پر انٽرنيٽ بند نه ڪئي وئي،  سموري ملڪ ۾ براڊ بينڊ سروس  ڪم ڪندي رهي. سندس چوڻ هو ته ميڊيا چونڊ نتيجا جاري ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪئي،  ترقي ڪندڙ ملڪن ۾ به ووٽن جي ڳڻپ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويندا آهن. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته 2018ع ۾ چونڊ نتيجا تيار ڪرڻ ۾ 66 ڪلاڪ لڳا پر هاڻي 36 ڪلاڪن ۾ نتيجا مڪمل ٿيا آهن،  رڳو ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ چيو ويو ته نتيجا تبديل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ڪٿي چونڊ نتيجن ۾ بيقاعدگيون ٿيون هجن هو انڪار نه ڪري رهيو آهي پر لاڳاپيل فورم موجود آهي. سندس چوڻ هو ته اليڪشن نتيجن جي هڪ ڊوڙ هوندي آهي، نتيجن ۾ دير جو مطلب ڌانڌلي ڪرڻ ناهي. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اليڪشن ٿيڻ کانپوءِ فوري طور سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا ذريعي تاثر ڏنو ويو ته ڌانڌلي ٿي آهي ۽ نتيجا تبديل ڪري ملڪ ۾ انقلاب روڪيو ويو آهي. هن چيو ته چيو پئي ويو ته ملڪ ڍاڪا بڻجي ويندو، اهڙي ڳالهه سوچڻ به نه گهرجي ته پاڪستان ڍاڪا بڻجي ويندو. سندس چوڻ هو ته پرامن احتجاج سياسي ڪارڪنن جو حق آهي، ڪا به حڪومت ڏڦيڙ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهي نه هو ڏيندا. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته عام چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪندڙ به ڌانڌلي جا الزام هڻي رهيا آهن. هن چيو ته راڻا ثناءَ الله، جاويد لطيف ۽ سعد رفيق جي شخصيت باوجود چيو پيو وڃي ته ڌانڌلي ڪئي وئي آهي. سندس چوڻ هو عام چونڊن کانپوءِ جلد اقتدار نئين حڪومت کي منتقل ڪيو ويندو. نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته نئين چونڊيل پارليامينٽ چونڊ عمل کي بهتر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
33 ° C
33 °
33 °
21 %
3.6kmh
0 %
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون