- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو.
نگران وفاقي ڪابينا فيڊرل بورڊ آف روينيو جي نئين سر تنظيم سازي ڪندي.
ايس آءِ ايف سي به ڪرپشن جي خاتمي ۽ ٽيڪسن جي نظام کي سولو بڻائڻ لاءِ نئين سر تنظيم سازي جي سفارش ڪئي هئي.
نگران وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال جو به جائزو ورتو ويندو.
نگران ڪابينا کي عام چونڊن جي تيارين ۽ سڪيورٽي معاملن بابت به بريفنگ ڏني ويندي.- Advertisement -
