تازه ترين

نگران وزيراعظم طرفان چيني صدر جي آجياڻي ۾ شرڪت

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، چيني صدر شي جن پنگ طرفان عالمي اڳواڻن کي ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي آهي.

چيني صدر شي جن پنگ طرفان ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم  ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو، جنهن ۾  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ شرڪت ڪئي، جتي چيني صدر ۽ خاتون اول سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو.

نگران وفاقي ڪابينا جي ميمبرن به آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، آجياڻي ۾ روس، ڪينيا، ايٿوپيا، منگوليا، هنگري، سريلنڪا ۽ ٻين ملڪن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

انوار الحق ڪاڪڙ آجياڻي ۾ شريڪ عالمي اڳواڻن سان غير رسمي ملاقاتون پڻ ڪيون.

نگران وزيراعظم آجيان جي موقعي تي گريٽ هال آف پيپلز آمد پڻ ٿي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون