تازه ترين
حڪمران پنهنجي مرضي شروع ڪري ڇڏين ته نظام ڊهي پوندو آهي:بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه يونيورسٽين بابت قانونسازي واپس نه وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو قومي اسيمبليءَ سوشل ميڊيا قانون سخت ڪرڻ بابت پيڪا ايڪٽ ترميمي بل  اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان افسوس ناڪ آهي، ڳالهين جو اهو عمل پي ٽي آءِ جي اڳڀرائي تي هو:عرفان صديقي پيڪا ايڪٽ ۾ ترميم سوشل ميڊيا لاءِ آهي ۽ ان سان صحافين کي تحفظ ملندو:عطا تارڙ سڪيورٽي فورسز پاڪ افغان سرحد تي دهشتگردن جي مداخلت جي ڪوشش ناڪام بڻائيندي ڇهن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ... سپريم ڪورٽ  بئنچن جي اختيارن جي ڪيس ۾ ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توهين عدالت ڪيس ۾ فيصلو محفوظ ... شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير جي تبديلي بابت افواهن کي رد ڪري ڇڏيو تحريڪ انصاف دور ۾ مسلم ليگ نون جي قيادت کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو:عطا تارڙ تحريڪ انصاف حڪومت سان ڳالهيون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نگران وزيراعظم لاءِ نالو اڄ شام يا سڀاڻي تائين فائنل ٿي ويندو : راڻا ثناءُ الله

وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته نگران وزيراعظم لاءِ نالو اڄ شام يا سڀاڻي تائين فائنل ٿي ويندو، حفيظ شيخ ۽ ٻين جي نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پر اڃا قطعي فيصلو ناهي ٿيو.

جاري ڪيل پنهنجي بيان راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪجهه دير ٿي سگهي ٿي پر، 9 مهينن جيترو ڊگهو وقت نه لڳندو.

گهرو وزير  چيو ته  ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم لاءِ ڪامران ٽسوري جو  نالو ڏنو آهي، پيپلزپارٽي به هڪ ٻه نالا ڏيندي، مولانا فضل الرحمان سمورا اختيار وزيراعظم کي ڏنا آهن.

هن چيو ته حفيظ شيخ يا ٻين نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، اڃا تائين ڪو به نالو فائنل نه ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته  آدمشماري جي منظوري کانپوءِ تڪبنديون ضروري آهن، ڊسمبر تائين تڪبندين جو عمل مڪمل ٿيڻ گھرجي جيڪڏهن تڪبنديون ٿيون ته فيبروري جي آخري يا مارچ جي پهرين هفتي ۾ چونڊون ٿينديون.

هن چيو ته  آرمي چيف جو دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ وارو پيغام صحيح آهي، دهشتگردن سان ڳالهيون نه ڪرڻ جي پاليسي اڄ جي  نه پر ماضي جي آهي، گذريل سال دهشتگردن سان ڪيل ڳالهين جو ڪو به نتيجو نه نڪتو.

راڻا ثناءُ الله وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف زيرو ٽالرنس  پاليسي آهي، پاڪ فوج جا جوان شهادتون قبول ڪري رهيا آهن، دهشتگردي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
122,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
5.1 ° C
5.1 °
5.1 °
29 %
0.4kmh
0 %
خميس
5 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
14 °
آچر
16 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون