- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو جنهن جو 8 نڪاتي ايجنڊا جاري ڪيو ويو آهي.
نگران وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيندڙ ڪابينا اجلاس ۾ اِي سي سي ۽ سي سي ايل جي فيصلن جي منظوري ڏني ويندي.
ايجنڊا موجب، ڊي جي فنانشل مانيٽرنگ جي ڊيپوٽيشن ۾ هڪ سال جي واڌ ڪرڻ جو به امڪان آهي، جڏهن ته ڊرگ انسپيڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري به غور هيٺ ايندي.
هوڏانهن وفاقي ڪابينا 35 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، گھرو وزارت جي سمري تي ڪابينا کان سرڪيوليشن ذريعي منظوري ورتي وئي آهي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ڪرپشن، ڏوهن ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جي ڪيس ۾ شامل ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب، سرڪاري ادارن مان ملازمت ڇڏي فرار ٿيندڙن جا نالا به اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا جڏهن ته 30 ڄڻن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي.- Advertisement -
