- Advertisement -
امريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي عام چونڊن ۾ ٿيل بي ضابطگين جي شفاف جاچ ڪرڻ تي زور ڏنو آهي.
وائيٽ هائوس ۾ پريس بريفنگ دوران ميٿو ملر جو چوڻ هو ته تازين چوندن ۾ بي ضابطگين جي ڪنهن به دعوى جي مڪمل جاچ ڏسڻ چاهين ٿا، پاڪستان ۾ حڪومت ٺهڻ کان اڳ ان تي تبصرو نه ڪندا، ڪنهن به ملڪ ۾ سياسي اتحاد ان ملڪ جو پنهنجو فيصلو هوندو آهي.
امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندين واري رپورٽن تي ڳڻتي آهي، سوشل ميڊيا تائين شهرين جي پهچ يقيني بڻائي وڇي.
ميٿو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستان کان اظهار راءِ جي آزادي جي احترام سميت ٽوئٽر سميت ڪنهن سوشل ميڊيا پليٽ فارم تائين پهچ بحال ڪرن جو مطالبو ڪندا رهندا آهن، پاڪستاني عملدارن سان بنيادي آزادين جو احترام ڪرڻ ۽ ان جي هميت تي به زور ڏين ٿا ۽ ڏيندا رهندا.- Advertisement -
