نگران وزيراعظم، ڪابينا لاءِ صلاح مشورا مڪمل ڪري ورتا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته نگران وفاقي ڪابينا اڄ عهدي جو قسم کڻندي.
ذريعن موجب، جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي، سيد محمد علي کي سڌ سماءَ ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب نگران ڪابينا لاءِ تقريبن نالا فائنل ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي رڳو قطعي صلاح ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب جليل عباس جيلاني کي پرڏيهي، سيد محمد علي کي سڌ سماءَ ۽ ڊاڪٽر شمشاد اختر کي ناڻي واري وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي.
نگران ڪابينا کي اڄ ئي قطعي شڪل ڏني ويندي ۽ اڄ ڪابينا جي قسم کڻڻ جو امڪان آهي.
