نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر طرفان ڪوٽ شاهو جي ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت 5 ڄڻن جي اغوا جو نوٽيس وٺندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
نگران وڏي وزير ايس ايچ او سميت 5 ڄڻن جي اغوا ٿيڻ تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر آءِ جي سنڌ پوليس رفعت مختار کي فون ڪري کيس، شڪارپور ۾ ويهي مغوين جي بازيابيءَ جي هدايت ڪئي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي ڌاڙيل اغوا ڪري وڃن ته پوءِ عوام جي حفاظت جو الله حافظ آهي، هتي جهنگ جو قانون آهي پوليس اگهور ننڊ ستل آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ايس ايڇ او ۽ ٽن اهلڪارن سميت اغوا ٿيل 5 ڄڻا بازياب نه ٿيا ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي خلاف ڪارروائي ٿيندي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي گهر ويٺي پوليسنگ ڪندا آهن، اهڙن پوليس آفيسرن جي صوبي ۽ عوام کي ضرورت نه آهي.
سندس چوڻ هو ته مغوين کي ٽن ڏينهن اندر بازياب ڪرايو وڃي، هو پاڻ ٿاڻن ۽ پوليس آفيسرن جي آفيسن جي انسپيڪشن ڪندو، جنهن ضلعي يا ٿاڻي ۾ قانون موجب ڪم نه هلندو ته لاڳاپيل آفيسر خلاف ڪارروائي ٿيندي.
واضح رهي ته گذريل رات دير سان خانپور جي ڪچي واري عائقي مان ڌاڙيل ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڪاهه ڪري ايس ايڇ او سميت پنجن اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا هئا.