نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني روسي هم منصب سميت ٻين سان ملاقاتون

spot_img
- Advertisement -

نيو يارڪ ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني روسي هم منصب سميت ٻين سان ملاقاتون ڪري ٻه طرفي لاڳاپن سميت مختلف معاملن بابت ڳالهيون ڪيون آهن.

نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس جي سائيڊ لائن تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي روسي هم منصب سرگئي ليوروف سان ملاقات ڪئي.

وفدن سان گڏ اعليٰ سطحي ملاقات ۾ ٻنهي پرڏيهي وزيرن طرفان ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.

نگران پرڏيهي وزير پنهنجي ڪيوبن هم منصب برونو روڊيگيوز سان به ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ تي اتفاق ڪيو.

نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس جي سائيڊ لائن تي مصري هم منصب صميح شوڪري سان پڻ ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو……..

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون