نيويارڪ ۾ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود وچ ۾ ملاقات ٿي آهي.
ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن جي مختلف رخن سان گڏ علاقائي ۽ عالمي معاملن بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي اڳواڻن طرفان معيشيت، واپار، توانائي ۽ سيڙپڪاري ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.
نگران پرڏيهي وزير پاڪستان جي حمايت تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ ايس آءِ ايف سي ، جي قيام بابت آگاهه ڪيو.
نگران پرڏيهي وزير آءِ ٽي، توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ليبر سميت اهم شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پرڏيهي وزير 2 لک کان وڌيڪ پاڪستانين جي ميزباني تي سعودي پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.
سعودي پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سعودي عرب جي ترقي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي خدمتن کي ساراهيو.


