ن ليگ جو قائد نوازشريف چئن ورهين کانپوءِ پاڪستان پهچي ويو آهي.
اڳوڻي وزيراعظم جو خاص چارٽر جهاز اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتي ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار ۽ اعظم نذير تارڙ نوازشريف جي آجيان ڪئي.
ڏيهه واپسيءَ تي نوازشريف جي قانوني ٽيم اسلام آباد ۾ مووجد هئي، ايئرپورٽ تي اسٽيٽ لائونج ۾ اڳوڻي وزيراعظم جا ن ليگ جي قانون ٽيم سان صلاح مشورا ٿيا، جنهن بعد نوازشريف ايون فيلڊ ۽ العزيزيا ريفرنسن ۾ سزا خلاف اپيليون بحال ڪرڻ واري درخواست تي صحيحون ڪيون.
نوازشريف اسلام آباد کان خاص هيليڪاپٽر ذريعي لاهور پهتو، شاهي قلعي پهچڻ بعد نوازشريف نماز ادا ڪئي ۽ شهبازشريف، اسحاق ڊار ۽ ٻين سان گڏ قافلي جي صورت ۾ جلسي گاهه پهتو.
جلسي جي اسٽيج تي پهچڻ تي ڪارڪنن نوازشريف جي شاندار آجيان ڪئي ۽ هو اڳواڻن سان مليو، نوازشريف پنهنجي نياڻي مريم نواز سان مليو ته ٻئي پيءُ ڌيءَ لڙڪ لاڙي ويٺا ۽ ڪارڪنن پرجوش انداز ۾ نعرا هڻي نوازشريف جي آجيان ڪئي.