تازه ترين

ن ليگ لاءِ سورهن مهينن جي حڪومت ۾ ڏکين فيصلن بعد هي چونڊون ڏکيون هيون: مريم نواز

ن ليگ جي سينيئر نائب صدر ۽ پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ نامزد مريم نواز چيو آهي ته ن ليگ لاءِ سورهن مهينن جي حڪومت ۾ ڏکين فيصلن بعد هي چونڊون ڏکيون هيون، پر عوام کين واضح مينڊيٽ ڏنو آهي.

جاتي مارا ۾ پارلياماني پارٽيءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته پنجاب ۾ نئين دور جي شروعات ٿيندي، جنهن جو بنياد نوازشريف 80ع واري ڏهاڪي ۾ رکيو هو، شهبازشريف پنجاب ۾ عوام جي خدمت جا رڪارڊ قائم ڪيا آهن، هاڻي به هو خدمت جا نوان رڪارڊ قائم ڪندا.

هن چيو ته پاڪستان ۽ پنجاب ۾ پهرين عورت وزيراعليٰ بڻجڻ جو موقعو مليو آهي،  اهو اعزاز هوءَ هر ماءُ، ڀيڻ ۽ نياڻي جي نالي ڪري ٿي.

مريم نواز چيو ته گذريل دور ۾ پنجاب کي نظرانداز ڪيو ويو، هڪ هڪ فائل ۽ مقرريءَ تي پيسا ورتا ويندا هئا.

ن ليگ جي نائب صدر چيو ته چئلينج تمام گهڻا آهن، پنج سال گهٽ، کين گهڻو ڪم ڪرڻو آهي، ان لاءِ جامع پروگرام ٺاهيو آهي، جنهن جا تفصيل سڀني کي ڏنا ويندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
34 %
3.7kmh
0 %
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون