هاڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو واري پ پ ناهي رهي، سنڌ ۾ پوليس به غير محفوظ آهن، عوام جي حفاظت ڪير ڪندو:مخدوم جميل الزمان

spot_img
پ پ ايم اين اي ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوار مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته پ پ ۾ ڪجهه ماڻهو بلاول ڀٽو زرداري جي وزيراعظم ٿيڻ جا مخالف آهن، هاڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو واري پ پ ناهي رهي، سنڌ ۾ پوليس به غير محفوظ آهن، عوام جي حفاظت ڪير ڪندو. مخدوم جميل الزمان عوامي شڪايتن تي هالا ويجهو ايس ايم بچاءَ بند جو دورو ڪري صورتحال جو جائزو ورتو ۽ آبپاشي عملي کان بريفنگ ورتي. ان موقعي تي مخدوم جميل الزمان ڳالهائيندي چيو ته پ پ ۾ اھي ماڻھو به آھن جيڪي بلاول کي وزيراعظم ڏسڻ نٿا چاھين،  ڇاڪاڻ جو انھن کي پنھنجا مفاد عزيز آھن. هن چيو ته محترمه شھادت ان لاءِ نه ڏني ھئي ته پنجاب مان پ پ ختم ٿي وڃي ۽ بلوچستان ۽ ڪي پي  ۾ پ پ نالي ماتر هجي، اھڙا قدم کنيا ويا آھن جو سنڌ ۾ به پ پ لاءِ بدگماني پيدا ٿي رھي آھي. سندس چوڻ هو ته موجودہ صورتحال جا ذميوار پ پ ۾ ويٺل ماڻھو آھن، جيڪي حقيقي تصوير نٿا ٻڌائن، محترمه سمورو سال عوام جي وچ ۾ ھوندي ھئي پر ھن وقت آفيسر، پوليس ۽ رينجرز ويجھي آھي ۽ عوام پري آھي، هو چاھين ٿا ته عوام ويجھو ھئڻ گھرجي. مخدوم جميل الزمان چيو ته ھن وقت اھا پيپلزپارٽي ناھي، جنھن لاءِ ذولفقار علي ڀٽو توڙي محترمه بينظير ڀٽو شھافت ماڻي ۽ آصف زرداري جيل ڪاٽيو. هن چيو ته  وڏي وزير مراد علي شاهه کي شابس آهي جيڪو اکيون بند ڪري پارٽي سان نڀائي رهيو آهي، سنڌ ۾ پوليس به غير محفوظ آهن، عوام جي حفاظت ڪير ڪندو؟. مخدوم جميل الزمان چيو ته سندس ايجندا آھي بلاول ڀٽو وزيراعظم ٿئي، جيڪو سندس ڳالھه سان منفق آھي، اھو سندس دوست به آھي باقي هو ٻين سان گڏ ناھي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
13%
2.5m/s
0%
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون