هر قسم جي مافيا جو قوم سان گڏجي خاتمو ڪيو ويندو: آرمي چيف جنرل عاصم منير

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان بابت افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، سوشل ميڊيا تي مايوسي ۽ افراتفري وارو ماحول پيدا ڪري تاثر ڏنو پيو وڃي، ته رياست پنهنجو وجود وڃائيندي پئي وڃي، هر قسم جي مافيا جو قوم سان گڏجي خاتمو ڪيو ويندو، گرين پاڪستان انيشيٽيو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن کي ڏنو ويندو، باقي حصو هارين ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو ويندو، فوج جو ان ۾ ڪردار صرف عوام ۽ هارين جي خدمت آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير فارمرز ڪنويشن کي خطاب ڪيو. سندس چوڻ هو ته پاڪستان بابت افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون به ڪيون پيون وڃن، سڀني کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪلمي جي نالي تي صرف 2 رياستون قائم ٿيون، هڪ رياست طيبه ۽ ٻي پاڪستان آهي، اهو رڳو اتفاق ناهي. آرمي چيف چيو ته سوشل ميڊيا تي مايوسي ۽ افراتفري وارو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي،  ڪوڙين خبرن ذريعي اِهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته رياست پنهنجو وجود وڃائي رهي آهي. هن چيو ته قوم سان گڏجي هر قسم جي مافيا کي ناڪام بڻايو ويندو. جنرل عاصم منير چيو ته زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ هر نبيءَ جو پيشو رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان پيشي ۾ تڪليف، ترقي ۽ صبر شامل آهن، جن جي نتيجي ۾ ڪيترائي انعام ملن ٿا. آرمي چيف چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالا مال آهي، وٽن گليشيئر، درياهه، جبل، ذرخيز زمين آهي، دنيا جا بهترين چانور، نارنگي ۽ انب جهڙا ميوا، گرينائٽ، سون ۽ ٽامي جهڙا خزانا موجود آهن. هن چيو ته 60 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ترقي ڪري رهيو هو، پر قائد جي اصولن کي وساري ڇڏيو آهي تنهن ڪري ملڪ تباهي جو شڪار ٿيو. آرمي چيف چيو ته گرين پاڪستان انيشيٽيو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن کي ڏنو ويندو، باقي حصو هارين ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو ويندو، فوج جو ان ۾ ڪردار صرف عوام ۽ هارين جي خدمت آهي. جنرل عاصم منير چيو ته سمورن ضلعن ۾ زرعي مال لڳايا ويندا، جتي آبادگارن کي سموريون زرعي سهولتون ملنديون. آرمي چيف چيو ته آسان زرعي قرضن، ڪولڊ اسٽوريج جي چين، موسمياتي تبديلي جي  اثرن کان محفوظ ٻج ۽ جينيٽيڪلي انجنيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي فراهمي کي به يقيني بڻايو ويندو. آرمي چيف جي خطاب دوران آبادگار نعرا تڪبير، پاڪستان زنده باد ۽ پاڪ فوج زندباد جا نعرا هڻندا رهيا..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.3m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
32 °
خميس
25 °
جمعو
25 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون