- Advertisement -
اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي بيٽ جي چونڊ نشان بابت پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن طرفان پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني اپيل داخل ڪرائي ويندي.
اليڪشن ڪميشن ڪجهه ڏينهن اڳ انٽرا پارٽي اليڪشن آئين موجب نه ڪرائڻ تي پي ٽي آءِ کان بيٽ جو چونڊ نشان واپس وٺي ڇڏيو هو ،پر 26 ڊسمبر تي پشاور هائيڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو..- Advertisement -
