تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

هفتي اندر اسرائيلي بازياب نه ٿيا ته غزه کي جهنم بڻائي ڇڏينداسين: ٽرمپ جي حماس کي ڌمڪي

- Advertisement -
آمريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس کي ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن اسرائيلي يرغمالين کي آزاد نه ڪيو ويو ته صورتحال ضابطي کان نڪري ويندي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ آمريڪي صدر جي اِها ڌمڪي حماس طرفان جنگ بندي معاهدي جي ڀڃڪڙي جو سبب ڄاڻائي يرغمالين جي آزادي اڻڄاتل تائين مدي ملتوي ڪرڻ کانپوءِ سامهون آئي آهي. ٽرمپ چيو ته ڇنڇر جي صبح تائين اسرائيلي قيدين کي آزاد ڪرڻو پوندو، نه ته گهڻو نقصان ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته مقرر وقت تي يرغمالي آزاد نه ٿيا ته هو جنگبندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيندو، جنهن کانپوءِ سڀ ڪجهه مٽي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويندو ۽ ڪجهه نه بچندو. ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته غزا رهائش جي لائق نه آهي، هو غزا جي ٻاهر فلسطينين لاءِ خوبصورت گهر ٺاهيندا، اردن ۽ مصر پناهگيرن کي نه ٿا وٺن ته انهن جي امداد بند ڪري سگهن ٿا، سندس خيال آهي ته اردن پناهگيرن کي وٺڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. آمريڪي صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن ملڪ کي آمريڪي معيشت کي نقصان پهچائڻ نه ڏيندا، گاڏين، دوائن ۽ چپس تي به ٽيرف لاءِ غور ڪري رهيا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسٽيل ۽ المونيم تي 25 سيڪڙو ٽيرف لڳائي رهيا آهن، آمريڪا ڪئنيڊا، برازيل ۽ ميسيڪو کان اسٽيل ۽ ايلومينيم برآمد ڪندو آهي، ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ جوابي ٽيرف لاڳو ڪندا. آميرڪي صدر انصاف کاتي کي پابندي ڪرڻ جي حڪمنامي تي صحيحون ڪيون، جڏهن ته ٽرمپ غير ملڪي اهلڪارن کي رشوت ڏيڻ تي پابندي جي قانون ۾ نرمي ڪري ڇڏي، ٽرمپ چيو ته پابندي سان آمريڪي فرمن ۽ ڪاروبارن کي نقصان ٿئي ٿو. آمريڪي صدر الينوائي جي اڳوڻي صدر راڊيلا گوجيوچ کي معاف ڪري ڇڏي، بائيڊن انتظاميا بدعنواني جي الزام هيٺ راڊيلا گوجيوچ کي جيل اماڻي ڇڏيو هو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون