هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيل جا ظلم جاري ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 39 فلسطيني شهيد

- Advertisement -
هٿين خالي فلسطينين تي اسرائيل جا ظلم جاري آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 39 فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو. عرب ميڊيا موجب، شهيدن جو مجموعي انگ 35 هزار 272 ٿي ويو، جڏهن ته 79 هزار 205 ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. هوڏانهن جباليه ۾ اسرائيلي فوجين پنهنجي ئي پنج ساٿين کي مارجي ڇڏيو آهي. عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته حماس جي موجودگي جي شڪ ۾ فوجين عمارت تي فائرنگ ڪئي. سرائيلي اختيارين جو چوڻ آهي ته فوجين جي سڃاڻپ ۾ غلطي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. رفح ڪراسنگ تي هڪ هفتي کان اسرائيل جو قبضو برقرار آهي، امدادي ٽرڪن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملڻ سبب هزارين فلسطيني بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
29%
1.9m/s
0%
آچر
9 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °

تازه ترين خبرون