- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفارتي سطح تي ڪاميابيون حڪومتي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي، عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ن ليگ پارلياماني ميمبرن ۽ وفاقي وزيرن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميمبرن کي حڪومت جي معاشي پاليسين ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري توڙي سياسي صورتحال بابت اعتماد ۾ ورتو ويو.
اجلاس م قومي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪي معاشي استحڪام جي لاءِ قدمن ۽ سفارتي محاذ تي ڪاميابين تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ان کان علاوه شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي به مشاورت ڪئي وئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان معاشي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۽ سفارتي سطح تي ڪاميابيون حڪومتي ٽيم جي محنت جو نتيجو آهي.
هن چيو ته کيس يقين آهي ته جيڪڏهن ائين ئي محنت جاري رکي ته پاڪستان جون معاشي حالتون انشاءَ الله جلد ٺيڪ ٿي وينديون.
وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هو پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ته عوام کي وڌ کان وڌ ريليف پهچائن
وزيراعظم وفاقي وزيرن ۽ قومي اسيمبلي ميمبرن جي اجلاس ۾ شرڪت تي سندن ٿورا مڃيا.- Advertisement -
