هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام کي نقصان ٿيندو: پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام کي نقصان ٿيندو، پ پ عوام لاءِ سوچي ٿي ٻيا سياستدان رڳو پنهنجي لاءِ سوچيندا آهن، گارگند واري سياست ذاتي دشمني تائين پهچي چڪي آهي،  نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست سان ملڪ جو ڪهڙو نقصان ٿيندو ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي،  اسلام آباد ۾ ويٺلن کي احساس ئي ناهي ته سندن فيصلن جو عوام تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو، ڪابل وڃي چانهن پيئڻ وقت سوچو ئي نه ته ملڪ کي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، هنن ون يونٽ  قائم ڪرڻ جي سازش کي ناڪام بڻايو، هو ملڪ کي آئيني ۽ سياسي بحران مان ڪڍندا. نئين ديري ۾ تقريب کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ جمهوريت تي يقين رکي ٿي، سازش ڪئي پئي وئي ته هڪ ڀيرو  ٻيهر ون يونٽ قائم ڪيو وڃي، هنن گڏجي ان سازش کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته هنن امير المومنين بڻجڻ وارين سازشن کي ناڪام بڻايو، پيپلزپارٽي انهن سمورين قوتن جو مقابطو ڪيو جيڪي عوام جي حق تي ڌاڙو هڻڻ چاهن پيون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن 8 فيبروري تي هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام کي نقصان ٿيندو. پ پ چيئرمين چيو ته عوام سندس آواز بڻجي گهر گهر سندس پيغام پهچائي، پ پ کي ڪامياب ڪرڻو آهي، جيئن عوامي حڪومت هجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ عوام لاءِ سوچي ٿي ٻيا سياستدان رڳو پنهنجي لاءِ سوچيندا آهن. سندس چڻ هوته هڪ طرف معاشي ته ٻئي پاسي سياسي بحران آهي، افغانستان جي حالتن جا اثر پاڪستان جو عوام ڀوڳي رهيو آهي، هنن کي اندازو ئي ناهي ته اسلام آباد ۾ ڪيل فيصلن جو عوام تي ڪهڙو اثر ٿيندو آهي. هن چيو ته ڪابل وڃي چانهن پيئڻ وقت سوچو ئي نه ته ملڪ کي ڪهڙي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، آمريڪا طرفان افغانستان ۾ ڇڏيل هٿيار پاڪستان خلاف استعمال ٿي رهيا آهن. پ پ چيئرمين چيو ته معاشري ۾ نفرت ۽ ورهائڻ واري سياست هلي رهي آهي، هي گارگند جي سياست شروع ٿي ذاتي دشمني جي سياست تائين پهچي ويندي آهي، هو ملڪ کي آئيني ۽ سياسي بحران مان ڪڍندا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي نفرت ۽ ورهائڻ جي سياست کي هميشه لاءِ دفن ڪيو ويندو…
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21 ° C
21 °
21 °
60%
5.3m/s
7%
اربع
20 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون