تازه ترين

وارهه ۾ هفتو اڳ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري فوت

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

وارهه ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايل نينگري هڪ مهيني تائين زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي.

هڪ مهينو اڳ ميرن جي ڪوٽ پاڙي ۾ وزير ڇٽو، خادم ڇٽو ۽ عيسيٰ کرل سميت پنجن جوابدارن 13 ورهين جي نازيا چنا کي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد اڇلائي ويا هئا.

نينگري کي وارثن ۽ پاڙي وارن کڻائي لاڙڪاڻي جي اسپتال پهچايو هو جتان ڊاڪٽر کيس ڪراچي جي اسپتال ريفر ڪيو هو.

زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهڻ بعد نازيا چنا ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد نينگري جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

13 ورهين جي نازيا چنا جو مڙهه ڪراچي کان وارهه آندو پيو وڃي جڏهن ته نينگري جي فوت جي اطلاع بعد سندس گهر ۾ ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.

نينگري سان زيادتي جو وارهه ٿاڻي تي وزير ڇٽو، خادم ڇٽو ۽ عيسيٰ کرل سميت پنجن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

پوليس ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته ٻن جوابدار کي اڃا تائين گرفتار ناهي ڪيو ويو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون