تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

واپارين ۽  سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري معيشت مضبوط ڪئي ويندي: نگران وزيراعظم

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته واپارين ۽  سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري معيشت مضبوط ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾  واپارين ۽ صنتعڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪاروباري برادريءَ جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته هو ڪاروباري لڏي جي تجويزن کي ڀليڪار ڪري ٿو، عمل جوڳي تجويزن تي عمل ڪرايو ويندو.

نگران وزيراعظم چيو ته عهدو سنڀاليندي ئي ڪاروباري برادريءَ سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن مسئلا ٻڌا، حڪومت ٽيڪس نظام ۾ سڌارا يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جو نظام ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافي تائين ملڪي معيشت بهتر نه ٿي سگهندي، سملگنگ روڪڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، 48 ڪلاڪن دوران ڪريڪ ڊائون ڪيا ويا.

نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ  سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورا ضروري آهن.

هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب ملاقات دوران وزيراعظم جي تجويز  ڪيل آمريڪي دوري بابت  ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.

ذريعن موجب نگران وزيراعظم هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿيندو

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
broken clouds
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
41 %
1.2kmh
84 %
ڇنڇر
13 °
آچر
17 °
سُومر
20 °
اڱارو
19 °
اربع
21 °

تازه ترين خبرون