تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

واپارين ۽  سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري معيشت مضبوط ڪئي ويندي: نگران وزيراعظم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته واپارين ۽  سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري معيشت مضبوط ڪئي ويندي.

اسلام آباد ۾  واپارين ۽ صنتعڪارن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪاروباري برادريءَ جا مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

هن چيو ته هو ڪاروباري لڏي جي تجويزن کي ڀليڪار ڪري ٿو، عمل جوڳي تجويزن تي عمل ڪرايو ويندو.

نگران وزيراعظم چيو ته عهدو سنڀاليندي ئي ڪاروباري برادريءَ سان ملاقاتون ڪيون ۽ سندن مسئلا ٻڌا، حڪومت ٽيڪس نظام ۾ سڌارا يقيني بڻائي رهي آهي، ٽيڪس جو نظام ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي.

انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ٽيڪس اوڳاڙي ۾ اضافي تائين ملڪي معيشت بهتر نه ٿي سگهندي، سملگنگ روڪڻ لاءِ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، 48 ڪلاڪن دوران ڪريڪ ڊائون ڪيا ويا.

نگران وزيراعظم چيو ته ملڪي مسئلن جي حل لاءِ  سمورن اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشورا ضروري آهن.

هوڏانهن نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پرڏيهي وزارت جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

ذريعن موجب ملاقات دوران وزيراعظم جي تجويز  ڪيل آمريڪي دوري بابت  ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي.

ذريعن موجب نگران وزيراعظم هلندڙ مهيني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ شرڪت لاءِ آمريڪا روانو ٿيندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
26.2 ° C
26.2 °
26.2 °
22 %
3.4kmh
89 %
آچر
26 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون