ورلڊڪپ جي ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا سريلنڪا کي 102 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
دهليءَ ۾ کيڏيل ميچ ۾ سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي اڳ ۾فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم اڳ ۾ بيٽنگ ڪندي مقررن ۾ پنجن وڪيٽن جي نقصان تي رڪارڊ 428 رنسون ٺاهيون.
پروٽيز طرفان ڊي ڪاڪ، ڊوسين ۽ مارڪرم سنچريون هنيون.
ايڊن مارڪرم ٽن ڇڪن ۽ چوڏهن چوڪن جي مدد سان ورلڊڪپ جي تيز ترين سنچري ٺاهڻ جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪيو، ڊي ڪاڪ سئو، ڊوسين 108، مارڪرم 106، ڪلاسين 32 ۽ ملر 39 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان مدوشنڪا 2، رجيٿا، پيٿرانا ۽ ويلالاگي هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
ڏکڻ آفريڪا طرفان مليل 429 رنسن جي حدف جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 44 ڏهائي 5 اوورن ۾ 326 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي.
آءِ لينڊرز طرفان اسلانڪا 79، ڪشال مينڊس 76 ۽ شناڪا 68 رنسون ٺاهي نمايان رهيا.
ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪوٽيزي 3، جانسين، رباڊا ۽ ڪِيشَوِ مهاراج 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار تيز ترين سنچري هڻڻ تي ايڊمن مارڪرم کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
پهرين ميچ ۾ بنگلاديش افغانستان کي ڇهن وڪيٽن تان شڪست ڏني.
افغان ٽيم اڳ ۾ کيڏندي 156 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، بنگلاديشي ٽيم مليل حدف چئن وڪيٽن جي نقصان تي 34 ڏهائي 4 اوورن ۾ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي.