ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان

spot_img
- Advertisement -

ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو انجري جو شڪار نسيم شاهه جي جاءِ تي حسن علي کي شامل ڪيو ويو، بابر اعظم کي ڪپتان ۽ شاداب خان کي نائب ڪپتان برقرار هوندا، فخر زمان، امام الحق، عبدالله شفيق، شاهين شاهه آفريدي، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان سميت ٻيا ٽيم ۾ شامل  هوندا، چيف سليڪٽر انضمام الحق جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ ڪوچ جا حوصلا بلند آهن، ورلڊ ڪپ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.

لاهور ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر انضمام الحق پريس ڪانفرنس دوران 18 رڪني قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪندي چيو ته قومي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم ڪپتان ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندا.

هن چيو ته فاسٽ بالر نسيم شاهه انجري سبب قومي ٽيم جو حصو نه آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي حسن علي کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته ورلڊ ڪپ لاءِ قومي ٽيم جي رانديگرن ۾ بابر اعظم ڪپتان، شاداب خان نائب ڪپتان، عبدالله شفيق، فخر زمان، امام الحق، حارث رئوف، افتخار احمد، شاهين شاهه آفريدي، محمد رضوان، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، حسن علي، سعود شڪيل، سلمان آغا ۽ اسامه مير شامل آهن جڏهن ته ٽن رانديگرن کي ريزرو رکيو ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ لاءِ ٽن رانديگرن کي ريزرو ۾ رکيو ووي آهي جن ۾ محمد حارث، ابرار احمد ۽ زمان خان شامل آهن.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر چيو ته حسن علي کي تجربي جي بنياد تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي وڏي ايونٽ ۾ تجربيڪار بولر جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته نسيم شاهه جو ٽيم ۾ نه هئڻ سندن لاءِ نقصان آهي پر اميد آهي ته هو جلد ئي ٽيم ۾ واپس ايندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف سليڪٽر انضمام الحق چيو ته سندن وٽ فاسٽ بولرز ۾ ڪافي انجريز آهن، وڏي ميچز ۾ ڪوشش ڪئي آهي ته اهڙا بولر هجن جن وٽ تجربو هجي، ڀارت ۾ ٻين ٽيمن جي ڀيٽ ۾ سندن تي وڌيڪ دٻاءُ هوندو آهي ان لاءِ پريشر هينڊل جو به مسئلو هوندو آهي ان لاءِ حسن علي کي شامل ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
11.9 ° C
11.9 °
11.9 °
23%
1.1m/s
0%
خميس
14 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
17 °

تازه ترين خبرون