- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پوري دنيا پي ٽي آءِ جو اصل چهرو ڏسي ورتو آهي، هاڻي باني آئوٽ ٿي ويو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳاکهائيندي عطا تارڙ چيو ته هر جاءِ تان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، گذريل سال مهانگائي 38 سيڪڙو هئي، هاڻي 3 ڏهائي 9 سيڪڙو تي آهي، معيشيت جي ترقي جي حوالي سان عالمي ادارا به ڳالهيون ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻي ڇڏيو آهي، پاڪستان تي پرڏيهي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌي رهيو آهي، اڄ معيشيت ترقي طرف وڌي رهي آهي، پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ڌاڙو 190 ملين پائونڊ هو.
سندس چوڻ هو ته اڄ ڏوهارين ۽ سندس ساٿين کي سزا ملي آهي، اين سي اي پيسو پاڪستان کي ڏنو، هُنن پنهنجي کيسي ۾ وکي ڇڏيا ۽ رشوت طور 5-5 منڊيون به ورتيون، پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ هاڻي مذهب ڪارڊ جو استعمال ڪيو پيو وڃي.
عطا تارڙ چيو ته هي اسلامي ٽچ ۽ مذهب ڪارڊ استعمال ڪري ڪوڙ ڳالهائن ٿا، اهي مذهب جي پٺيان لڪي ڪري بچڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيا آهن، هاڻي اوهان ڀلي ڪهڙو ڪارڊ کڻي اچو، اوهان تي ٺپو لڳي چڪو آهي.
هن چيو ته جنهن ڏهاڙي پي ٽي آءِ باني کي سزا ملي ان ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ هڪ هزار پوائنٽ مٿي ٿي وئي.
عطا تارڙ جو چوڻ هو ته سندن پارٽي صرف هڪ ئي شي سيکاري آهي ته عوام جي خدمت ڪرڻي آهي….- Advertisement -
