آمريڪا ۾ جو بائيڊن جو دور ختم ٿي  ويو

- Advertisement -
آمريڪا ۾ جو بائيڊن جو دور ختم ٿي  ويو آهي، سڀاڻي ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر نئين آمريڪي صدر طور عهدي جو قسم کڻندو. واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي قسم کڻڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته موسيقي جي محفل، پريڊ سان گڏ ڪيتريون ئي دعوتون پڻ ٿينديون. جي ڊي وينس به نائب صدر طور پنهنجي عهدي جو قسم کڻندو ۽ اسٽيج تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان گڏ نظر ايندو. عهدي جو قسم کڻڻ کانپوءِ نئون آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ ايندڙ چئن سالن لاءِ پنهنجي هدفن جو اعلان ڪندو. آمريڪي ڊونلڊ ٽرمپ جي قسم کڻڻ جي تقريب جي شروعات واشنگٽن ڊي سي ۾ لا فائيٽ اسڪوائر  جي تاريخي سينٽ جان چرچ ۾ هڪ دعا جي تقريب سان ٿيندو جنهن کانپوءِ  وائيٽ هائوس ۾ چانهن جو بندوبست ڪيو ويندو. آمريڪي ڪيپٽٽل جي ويسٽ لان ۾ قائم مرڪزي تقريب جي اسٽيج تي موسيقي جي پرفارمنس ۽ افتتاحي خطاب ساڍي نائين وڳي شروع ٿيندو. ٽرمپ پنهنجي نئين انتظاميه جي شروعات لاءِ اهم دستاويزن تي صحي ڪرڻ لاءِ  سينيٽ چيمبر ويجهو  صدارتي آفيس ۾ داخل ٿيندو. قسم کڻڻ جي تقريب بابت ڪانگريس جي گڏيل ڪميٽي مانجهاندي جي ميزباني ڪندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪيپيٽل مان نڪري پنسلوانيا ايونيو کان ٿيندي وائيٽ هائوس تائين ويندو. شام جو ٽرمپ شهر ۾ مختلف هنڌن تي ٿيندڙ ٽن افتتاحي تقريبن ۾ شرڪت ڪندو ۽ ٽنهي کي سندس خطاب جو امڪان آهي. چيني صدر شي چن پنگ آمريڪي صدر جي قسم کڻڻ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪندو. جاپان، ڀارت سميت مختلف ملڪن جا پرڏيهي وزير به تقريب ۾ شرڪت ڪندا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي به تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
19.3 ° C
19.3 °
19.3 °
14%
0.5m/s
23%
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون