وزيراعظم شهباز شريف طرفان برساتي ٻوڏ متاثرن جي امداد جلد ۽ شفاف نموني مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي صوبن سان گڏجي جوائنٽ سروي جلد مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
اين ڊي ايم اي کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبن سان سهڪار وڌيڪ وڌائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته طوفاني برسات متاثرن کي امداد جي فراهمي جلد مڪمل ڪئي وڃي.
هن چيو ته گڏيل سروي کي مڪمل ڪري امداد رڳو حقدارن تائين پهچائي وڃي.
شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ، قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ ماڻهن جي مدد لاءِ مضبوط حڪمت عملي ضروري آهي، برسات متاثرن کي ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏيو ويندو