- Advertisement -
پ پ اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ ۾ سياسي ۽ معاشي استحڪام چاهي ٿي، اين ايف سي ايوارڊ صوبن جو آئيني حق آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ پ پ اڳواڻ شازيه مري جو چوڻ هو ته هارين جو حوصلو وڌايو وڃي، هاري ملڪ کي خوراڪ جي پيدوار ۾ پنهنجي پيرن تي بيهاريندا آهن.
شازيه مري جو چوڻ هو ته پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي اسان سڀني جي ترجيح هئڻ گهرجي.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جو ويزن ايڊ نه پر ٽريڊ آهي، پ پ ملڪ ۾سياسي استحڪام چاهي ٿي.
پ پ اڳواڻ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو ۽ صدر آصف علي زرداري جي دور ۾ ملڪ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ پاڻڀرو هو.
شازيه مري چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ عوام جي خوشحالي سڀني جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي.- Advertisement -
