تازه ترين

وزيراعظم شهبازشريف ايف بي آر کي اوڳاڙين جا ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف ايف بي آر کي اوڳاڙين جا ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ان لينڊ روينيو جي اپيليٽ ٽربيونلز جي معاملي تي اجلاس ٿيو. شهبازشريف عدالتن ۾ رڪيل اوڳاڙين جا ڪيس جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اوڳاڙين وارا جلد اڪلائڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن هن چيو ته اپيلٽ ٽربيونل ان لينڊ روينيو ۾ عالمي معيار جي افرادي قوت کي سٺين پگهارن، سهولتن ۽ صلاحيتن جي بنياد تي مقرر ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته ان ڪم ۾ دير ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، الله جي ڪرم سان ايف بي آر  سڌارن تي ڪم تيزيءَ سان جاري آهي، تازو ڪراچيءَ ۾ فيس ليس اسسمنٽ نظام متعارف ڪرايو ويو. شهبازشريف چيو ته جديد خودڪار نظام سان ڪرپشن جو خاتمو ۽ ڪسٽمز ڪليئرنس لاءِ گهربل وقت ۾ گهٽتائي ٿي آهي،   ملڪ ۽ قوم جي پائي پائي جو تحفظ ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
7.7 ° C
7.7 °
7.7 °
11 %
1.7kmh
13 %
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °
ڇنڇر
17 °

تازه ترين خبرون